انتهاپسند تنظيم شيوسينا جون ڪرن جوهر، فرحان اختر، مائره خان ۽ فواد خان کي ڌمڪيون

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي انتهاپسند تنظيم شيوسينا جون پاڪستاني اداڪارائن کي ڏنل تازين ڌمڪين سبب ڪرن جوهر ۽ فرحان اختر ماهره خان ۽ فواد خان کي ممبئي کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي رپورٽ مطابق بالي ووڊ جي مشهور پروڊيوسر ڊائريڪٽر ڪرن جوهر فواد خان سان پنهنجي فلم ڪپور اينڊ سنز جي شوٽنگ مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ اڄڪلهه فواد خان ڪرن جوهر جي ٻي فلم ”يه دل هي مشڪل“ جي شوٽنگ لنڊن ۾ مڪمل ڪرائي رهيو آهي ذريعن مطابق ڪرن جوهر کي پهريان کان انتهاپسند تنظيم پاران ممبئي کي بمبئي چوڻ تي ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ هو ڪنهن ٻي مشڪل ۾ پوڻ پسند نه پيو ڪري پاڪستان اداڪار مائره خان پنهنجي فلم رئيس جا ڪيترائي منظر اداڪار شاهه رخ خان سان گڏ فلمبند ڪرائي چڪي آهي رئيس جو پروڊيسر فرحان اختر ۽ رتيش سدواني پاران مائره کي ممبئي کان پري رکڻ لاءِ باقي رهيل منظر دبئي ۾ فلمبند ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *