انتهاپسندي وڏو خطرو آهي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي: ممنون حسين/احمر دائود

استمبول (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين ۽ ترڪ وزيراعظم احمر دائود اولو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاع معيشت توانائي انفرااسٽريڪچر سائنس ۽ ٽيڪنالوجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون تي اعتماد ٿي آهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد اسلامي تعاون تنظيم جي پهرين اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائين ملاقات ۾ سامهون آيو ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو ذاتي اظهار ڪيو ته انتهاپسندي وڏو خطرو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي ان ڏس ۾ اسلامي ملڪن کي ڳالهين جي ذريعي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي نهايت پرجوش برادراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ٻين قومن لاءِ مثالي حيثيت رکن ٿا جيڪي اڃا وڌيڪ وڌايا ويندا هن چيو ته عالمي علائقائي معاملن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي ۽ اهي بين الاقوامي فورمن تي هڪ ٻئي سان ڀرپور تعاون ڪن ٿا صدر او آءِ سي ڪشمير رابطا گروپ ۾ فعال ڪردار تي ترڪي جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *