انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي ملڪ ۾ پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ نه ڏينداسين : پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته دهشتگردن کي ملڪ ۾ پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ اُهو حق به ڪنهن کي نٿو ڏئي سگهجي ته اُهو بندوق ذريعي اسان کي پنهنجي رستي تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري. اسلام آباد ۾ پشاور سانحي جي شهيد جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ملڪ ۾ ڪهڙو نظام لاڳو ٿيندو اُن جو فيصلو ڪرڻ جو حق رڳو عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ کي آهي، اسان ملڪ ۾ ڪنهن به هٿياربند لشڪر جوڙڻ جي اجازت نه ڏينداين ۽ نه ئي ڪنهن کي اُن ڳالهه جي اجازت هوندي ته اُهو اسان کي زندگي گذارڻ جو طريقيڪار سيکاري. هن چيو ته دهشتگردن عبادتگاهن، اسپتال ۽ تعليمي ادارن کي نشانو بڻايو جڏهن ته پشاور سانحي جو ڏک ايندڙ نسل به محسوس ڪندا. پرويز رشيد چيو ته انتهاپسند ۽ دهشتگرد کي پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪنهن کي اُهو حق نٿو ڏئي سگهجي ته اهو بندوق ذريعي اسان کي پنهنجي رستي تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري. هن چيو ته قومن فائدو نقصان اجتماعي هوندو آهي، اسان کي غلطين کان سکي پنهنجي اصلاح ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *