انتقام نه وٺنداسين، جلد افغان عوام کي قابل قبول سياسي قيادت ڏينداسين: طالبان

ڪابل(م.ڊ) طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان انتقام نه وٺنداسين، افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته عالمي اصولن موجب دنيا کي لاڳاپا رکڻ لاءِ آڇ ڪيون ٿا. عورتن کي اهي سمورا حق ڏنا ويندا جيڪي دين ۾ آهن، عورتن کي ملڪ جي هر ڪنڊ ۽ هر شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي. دنيا اسان جي شرعي قانونن جو احترام ڪري. هن چيو ته ڪابل ۾ موجود سمورن پرڏيهين جو تحفظ اسان جو فرض آهي ڪا ڪوتاهي نه ٿيندي، ڪابل جا شهري محفوظ آهن اهي مطمئن رهن، سمورن مخالفن کي عام معافي ڏني آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس ڪابل کي ڇڏي هليا ويا هئا، ڪابل ۾ ڪجهه شرپسندن جي بدامني سبب طالبان مداخلت ڪئي. افغان فورسز اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عام شهرين کي نشانو بڻايو. طالبان ترجمان چيو ته سمورن افغانين جي مذهبي عقيدن ۽ روحاني قدرن جو احترام ڪيون ٿا.اشرف غني لاپته آهي، هن جي باري ۾ اسان کي خبر ناهي. جلد افغان قوم کي قابل قبول سياسي قيادت ڏينداسين. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائينداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *