انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ڀڄڻ وارو نه آهيان: نواز شريف

مري (اين اين آءِ)   پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هو ڀڃڻ وارن مان نه آهي، عدالتن ۾ قانوني جنگ وڙهندس، عوام جي خدمت جو فرض ادا ڪندا رهنداسين، پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته کيس خبر آهي ته ان سان هيءُ ورتا ڇو پيو ڪيو وڃي پر هو ڀڃڻ وارو نه آهي قانوني جنگ وڙهنداسين، هن چيو ته عوام جي محبت منهنجي لاءِ عزت ۽ فخر آهي منهنجي دل ۾ به اوهان جي لاءِ پيار آهي، دعا ڪريو ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ اسان تي رحم ڪري، ترقي جو سفر جيڪو شروع ڪيو اهو تيزي سان اڳتي وڌندو، واعدو آهي ته قوم جي خدمت جو فرض ادا ڪندو رهندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *