انتقامي سياست تي يقين نٿا رکون، معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن: زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته انتقامي سياست تي يقين نٿا رکون. هن چيو ته صوبي جي معامن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. آصف زرداري چيو ته سينيٽ جي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏني وڃي. اڳوڻي صدر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان رابطو ڪرڻ جو به چيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي خدشن کي سنڌ جي گورنر جي مدد سان ختم ڪيو وڃي، آصف زرداري جي صدارت ۾ غير رسمي اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شرڪت ڪئي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان کي ٽيليفون ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سهيل احمد جي قتل تي تعزيت ڪئي.  ملاقات ۾ وڏي وزير اڳوڻي صدر کي صوبي جي صورتحال، ڪراچي ۾ امن امان ۽ ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني، پ پ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سنڌ جي سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ سميت ايم ڪيو ايم پاران پ پ تي الزام لڳائڻ ۽ سنڌ حڪومت تي تقيد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ مڙني جماعتن سان ورڪنگ رليشن شپ بهتر بڻائي وڃي ۽ امن امان جي قيام تي سياسي قوتن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته گورنر سان رابطو ڪري صوبي جي سطح تي ايم ڪيو ايم جا جيڪي تحفظات آهن انهن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *