انتظار قتل ڪيس، اکين ڏٺل شاهد مديحيا ڪياني واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ 13 جنوري تي پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان انتظار جي واقعي جي اکين ڏٺي شاهد مديحيه ڪياني پنهنجو وڊيو بيان ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته انتظار کي هڪ رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو، جڏهن انتظار جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي ته هوءَ ان وقت گاڏي ۾ ئي موجود هئي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، فائرنگ ڪندڙ شخص کي مڇون هيون جنهن جي هوءَ سڃاڻپ ڪري چڪي آهي، انتظار سدائين چوندو هو ته سندس گاڏي جو پيڇو ڪيو وڃي ٿو، ٻئي پاسي انتظار جي والد به مديحيه ڪياني جي وڊيو بيان جي تصديق ڪئي آهي، تفصيل موجب انتظار احمد قتل واقعي جي شاهد مديحيه ڪياني انڪشاف ڪيو ته منهنجي پهرين بيان ۾ اهي ڳالهيون نه لکيون ويون جيڪي مون ٻڌايون هيون، سي ٽي ڊي ۾ جڏهن پنهنجي بيان جي ڪاپي ڏٺي ته مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس، جيڪو بيان سي ٽي ڊي لکيو هو اهو درست هو، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ماهه رخ کان ڇو نه جاچ ڪئي پئي وڃي، سڀ چون ٿا ته ماهه رخ آمريڪا ۾ آهي، مون کي خبر پئي ماهه رخ جون تصويرون سلمان ۽ هڪ ٻن ڇوڪرين سان سوشل ميڊيا تي وڍيون ويون، مون اهي تصويرون پاڻ ناهن ڏٺيون پر ان بابت خبر پئي آهي، مديحيه چيو ته ان پوري حقيقت کانپوءِ ماهه رخ کان ڇو نه سوال ڪيو پيو وڃي، مديحيه چيو ته جڏهن اسان واپس وڃي رهيا هئاسين ته مون انتظار کان پڇاڻو ڪيو ته اسان جلد ڇو وڃي رهيا آهيون جنهن تي انتطار چيو ته منهنجي گاڏي جي سڃاڻپ ٿي آهي، هن چيو ته انتظار ڪيترا ڀيرا ٻڌايو ته سندس گاڏي جو پيڇو ڪيو وڃي ٿو، انتظار پنهنجي والد جي گاڏي تي ويندو هو، قتل واري ڏينهن به هن چيو ته گهر واپس جلد هلون ٿا جنهن مان مون کي لڳو ان جي دماغ ۾ اهڙي ڳالهه هئي جنهن کان هن کي خطرو محسوس ٿي رهيو هو، مديحيه ڪياني چيو ته قتل واري ڏينهن سلمان اسان کي عصر جي وقت مليو هو، ان عجيب نموني سان اسان کي ڏٺو هو، سلمان سان هڪ ٻيو ماڻهو هو جنهن جو نالو احمد رند هو، سلمان اسان کي ٻڌايو هو ته هو آفيس ۾ آهي ۽ اوچتو گهمندو اسان جي اڳيان اچي ويو، هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن مقدس حيدر کان جاچ ٿي رهي هئي ته مان آفيس ۾ هيس ۽ هو بلڊنگ جي ٻي آفيس ۾ هو، مون ٻڌو ته ڪنهن آفيسر مقدس حيدر کي فون ڪيو ۽ چيو ته اوهان پنهنجو بيان پاڻ لکو يا اسان لکي ڏيون پر هاڻ خبر ناهي ته بيان ڪنهن لکيو، هن چيو ته مان سمجهان ٿي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي مان هن ڪيس جي اڪيلي شاهد آهيان، هن چيو ته مون پنهنجي بيان ۾ لکيو آهي ته اتي هڪ ڏاڙهي ۽ مڇن وارو شخص به هو مان ان جي سڃاڻپ به ڪئي آهي منهنجي رينجرز کي اپيل آهي ته تحفظ ڏنو وڃي، ان بيان کانپوءِ ۽ اڳ به منهنجي حياتي کي خطرو هو جهڙي نموني هر جي آءِ ٽي ۾ ويهاريو ويو، هن گهر ڪئي ته ماهه رخ سميت ٻين کان به جاچ ڪئي وڃي ته جيئن اصل سچ سامهون اچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *