انتشار جو خطرو آهي، حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪئي وڃي: عمران خان جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن کان سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز بيهارڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر بابت سخت تحفظات آهن اهو ئي مڪاني چونڊون ڪرائي رهيو آهي، ن ليگ پنجاب جي ايم ڪيو ايم آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جا اصل قاتل ۽ غنڊا گرفتار نه ٿيا ته آءِ جي ۽ ايس پي جي آفيسن ۽ پوليس آفيسرن جو گهيرو ڪنداسين، 31 آڪٽومبر تي حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، سروي ٻڌائي رهيو آهي ته پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف جو وارو ايندو، اقتدار ۾ اچي ڦر لٽ ڪندڙن پنهنجي يونين قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن انهن ۾ هٿ وڌو وڃي ٿو ته هي گڏ ٿي وڃن ٿا، ملڪ ۽ جمهوريت کي خطري جو شور شروع ڪن ٿا، جنهن ملڪ ۾ رانا ثناءُ الله جهڙو شخص قانون جو وزير بڻجي وڃي اتي قانون جو الله حافظ آهي، ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ڪرڻ جو پهريون تجربو آهي پر تازي سروي ۾ گڊ گورنس جي معاملي ۾ اسان کي ڇهه ڇهه ڀيرا حڪومت ڪندڙن تي برتري حاصل آهي، اين اي 122 ۾ حڪومت جي ڌانڌلي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر پوءِ به فراد ڪيو ويو، اسان به ٽيڪنيڪل طريقي سان سندن فراڊ کي اڳيان آڻينداسين، اين اي 154 جي فيصلي تي خوشي آهي ۽ هن تڪ ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ منتظر آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ۽ يڪي گيٽ ۾ قتل ٿيل پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جي اظهار کانپوءِ اتي گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي چوڌري محمد سرور، شفقت محمود، ميان محمود رشيد، عبدالعليم خان، جمشيد اقبال چيما، عمر سرفراز چيما ۽ شعيب صديقي سميت ٻيا به موجود هئا عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ احتساب لاءِ غير جانبداراڻو نظام آندو آهي، جڏهن پ پ جي هڪ عورت ميمبر خلاف احتساب جو عمل شروع ڪيو ويو ته آصف علي زرداري ٻاهران وڏو شور ڪيو، اسفند يار ولي کي به اچي ڳڻتي ورتو، هن ملڪ ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي يونين آهي، هي اقتدار ۾ اچي دولت ڪمائين ٿا، جڏهن انهن جي پيسي ۾ هٿ وڌو وڃي ٿو ته پوءِ يونين گڏ ٿي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۽ جمهوريت کي خطري جو راڳ ڳائڻ شروع ڪن ٿا، جيتوڻڪ جمهوريت انصاف ۽ شفافيت جو ٻيو نالو آهي، هن چيو ته يڪي گيٽ ۾ اسان جي ڪارڪنن 10 ڏينهن اڳ چونڊ آفيس کولي هئي، جڏهن ته ن ليگ ڪجهه ڪلاڪ اڳ آفيس کولي ۽ اسان جي ڪارڪنن کي سڌيون گوليون هنيون، جڏهن هتي ماڻهن کي خبر هوندي ته کين حڪومتي سرپرستي سبب ڪير نه پڇندو ۽ اهي بچي ويندا ته پوءِ قانون جي باقي ڪهڙي ضرورت رهجي وڃي ٿي، هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ رانا ثناءُ الله جهڙو شخص قانون جو وزير بڻجي اتي قانون جو الله حافظ آهي، عدالت ۾ هڪ شخص بيان ڏئي رهيو آهي ته هن رانا ثناءُ الله جي چوڻ تي ن ليگ جي ماڻهو کي ماريو، عابد شير علي جو والد چئي رهيو آهي ته رانا ثناءُ الله 17 ماڻهن کي قتل ڪرايو، اهو قانون جو وزير آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ اسان جي ڪارڪن کي ڪيئن گولي هئين وئي ۽ سڄي قوم ٽي وي تي ڏٺو آهي، ماڊل ٽائون ۾ قانون جي وزير جي چوڻ تي هڪ سئو ماڻهن کي گوليون هنيون ويون، رانا ثناءُ الله ان لاءِ مطمين آهي ته کيس حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *