امپائر جي آڱر کڄڻ تي پويلين واپس وڃڻو پوي ٿو، پاناما ليڪس کانپوءِ ميان صاحب ويچارو ٿي ويو: عمران خان

پشاور(م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ويچارو ٿي ويو آهي، مولانا فضل الرحمان جي هوندي يهودين کي ايجنٽ جي ضرورت ناهي.  پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي  عمران خان چيو ته ميان صاحب جواب ڏي ته سندس ٻارن وٽ ايترو پيسو ڪٿان آيو جو لنڊن ۾ اربين پائونڊ جي جاءِ خريد ڪئي. عمران خان چيو ته اسلام جي نالي تي سياست ڪندڙن کي شرم اچڻ گھرجي. اسان کي اهڙا ماڻهو نه گھرجن جن جي قيمت لڳائي وڃي. مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، آئون چوان ٿو ته مولانا جي هوندي يهودين کي ايجنٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي نئون پاڪستان نظر نٿو اچي، ڇو جو هو غلط جاءِ تي نئون پاڪستان ڳولي رهيو آهي. عمران خان موجب نواز شريف سمجھي ٿو ته هڪ روڊ ٺاهڻ سان نئون پاڪستان ٺهي ويندو، ميان صاحب قومون روڊ ٺاهڻ سان نه ٺهنديون آهن، قومون تڏهن ٺهنديون آهن، جڏهن انهن کي سهولتون ڏيو، روزگار ڏيو، تعليم ڏيو، انهن جي مدد ڪريو. عمران خان چيو ته مولانا فضل الرحمان هر حڪومت سان ملي ويندو آهي. هن چيو ته يهودي به ايتري سازش نه ڪندو آهي جيتري هي ڪندا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته ميان صاحب جلسا ڪرڻ نڪتوآهي، اڪرم دراني چوي ٿو ته نواز شريف چوي ته ڪي پي ڪي حڪومت ختم ڪري ڇڏيان، کيس چوان ٿو ته بني گالا پري آهي، آئون پرينهه بنون اچي رهيو آهيان. اڪرم دراني الله کان ڊڄي. عمران خان چيو ته نواز شريف ويچارو ٿي ويو آهي. وِيهن سالن کان چوان پيو ته نواز شريف ڪرپشن مان پيسو ٺاهيو آهي، پر ڪنهن نه ٻڌو، هاڻي الله پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي، پاناما ليڪس ۾ 8 ملڪن جي سربراهن جا نالا آيا آهن. هن چيو ته جڏهن امپائر جي آڱر کڄي وڃي ته پويلين ڏانهن واپس وڃڻو پوندو آهي، اهو امپائر الله آهي. نواز شريف اليڪشن ڪميشن، نيب، ايف آءِ اي کي ڪنٽرول ڪري سمجھيو ته سڀ شيون سندس ڪنٽرول ۾ اچي ويون آهن، پر الله پاناما پيپر ڪڍي کيس عوام ۾ وائکو ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *