اميشا پٽيل ٻيهر سني ديول سان نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي 2001 ۾ سامهون آيل بلاڪ بسٽر فلم ”غدر“ هڪ پيار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سني ديول ۽ اميشا پٽيل /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 32

گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ هاڻ هي ٻئي اداڪار هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هن فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو ارادو ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻيهر اميشا پٽيل ۽ سني ديول مرڪزي ڪردار نڀائيندا. فلم جي ويجهن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ”غدر“جي سيڪوئل لاءِ ڪهاڻي تي ڪم هلندڙ آهي، جنهن لاءِ سني ديول سان پڻ رابطو ڪيو پيو وڃي. ذريعن وٽان وڌيڪ ڄان ملي ته فلم جي سيڪوئل تي ڊگهي عرصي کان ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ پاڪ ڀارت لاڳاپا ڏيکاريا ويندا، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ هيءَ فلم اڻپوري هوندي. هن فلم جي ڪهاڻي 2001 جي مرڪزي ڪردار تارا (سني) ۽ سڪينا (اميشا پٽيل) ۽ سندن پٽ سان گڏ ئي اڳتي وڌندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *