امير جماعت اسلامي جي طلال بگٽي سان ملاقات، بلوچستان کي ديوار سان نه دل سان لڳائڻ جي ضرورت آهي: سراج الحق

ڪوئيٽا(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه طلال بگٽي سان ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ته بلوچستان کي ديوار سان لڳائڻ بجاءِ دل سان لڳائڻ جي ضرورت آهي، عدل ۽ انصاف نه ٿيڻ سبب پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اڄ به انهي ئي حوالي سان خطرا سامهون آهن صوبائيگادي واري شهر ۾ جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه طلال بگٽي سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ڪڏهن به بلوچستان سان انصاف نه ڪيو جڏهن ته بلوچستان ۾ بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر عمل نه ٿيو ۽ صوبي ۾ هينئر به غربت ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، هن چيو ته طلال بگٽي محب وطن ۽ وفاق تي يقين رکڻ وارن مان آهي ۽ ملڪي ترقي چاهي ٿو، سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ناراض بلوچن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪن ڇو ته ڏنڊي جي زور تي ڪنهن جو مٿو ڦاڙي سگهجي ٿو پر ڪنهن جي دل نٿي کٽي سگهجي، جڏهن ته ان موقعي تي جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ طلال بگٽي جو چوڻ هو ته ايران، افغانستان، ڀارت، نيٽو ۽ يورپي يونين پاڪستان جي پويان پيل آهي رٽائرڊ جنرل ۽ سياسي قيات گڏجي معاملو سنڀالين.  هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي قيادت جي بلوچستان تي حڪمراني آهي جيستائين صوبي ۾ اصل قيادت نه ايندي حالتون بهتر نه ٿينديون هن چيو ته 1970ع ۾ جيڪي صوبي جون حالتون هيون اهي اڄ به آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *