اميد ته وڏي شڪست کان پوءِ اپوزيشن جا ڪجهه ڏينهن آرام سان گذرندا: فواد چوڌري

اسلام آباد (م.ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ بي اعتمادي رٿ جا خواب ڏسندڙن کي اڪثريت باوجود سينيٽ ۾ بدترين ناڪامي ملي، عمران خان اڳيان اپوزيشن پارٽيز ڍير ٿي ويون، يوسف رضا گيلاني جا ٿورائتا آهيون جو بل جي منظوري ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو،  سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڇڙوڇڙ اپوزيشن کي ناقص رٿابندي سبب ناڪامي ملي، هاڻي اپوزيشن ڪجهه ڏينهن خاموش رهندي، ثابت ٿيو ته ڪير به پي ٽي آءِ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، اسٽيٽ بئنڪ کي سياسي دٻاءُ کان آزاد ڪيو ويندو، نواز شريف پاڻ نٿو اچي، کيس ڏيهه واپس آندو پيو وڃي، ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف لاءِ نوان باٿ رومز ٺهرايا اٿئون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *