اميد ته جوڊيشل ڪميشن سان ڌرڻو سياست ختم ٿي ويندي: آصف زرداري

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ سان پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي رستن بجاءِ پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو، اميد آهي ته جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ سان ڌرڻي واري سياست ختم ٿي ويندي، آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي کي گهرجي ته هو عوام ۽ ٻين ٻين حصيدارن کان به تجويزون وٺي اسان چاهيون ٿا ته چونڊ سڌارن جون تجويزون گڏيل هجن اڳوڻي صدر چيو ته چونڊن ۾ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ سمورين سياسي تنظيمن جي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي چونڊ بدعنوانين جي خاتمي لاءِ آين ۾ ترميم سميت سمورا قدم کڻڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *