اميد آهي ڀارتي وزيراعظم پاڪستان ۾ ٿيندڙ سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته کيس اميد آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ايندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ايندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اصل مسئلو اعتماد جي بحالي جو آهي. ڀارت پاران دعوت ملي ته پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري به ويندو. فوج ۽ سياسي ادارا چين ڀارت ۽ افغانستان جي معاملي تي هڪ صفحي تي آهن فوج حڪومت جو حصو آهي. بالادستي پارليامينٽ ۽ چونڊيل حڪومت کي حاصل آهي، چيني صدر 23 مارچ تي نه پر بعد ۾ ڦاڪستان ۾ ايندو، مولوي فضل الله جي حُوالي ڪرڻ سان افغانستان سان رابطي ۾ آهيون ڪا به اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي خبر پئجي ويندي. آچر تي اسلام آباد ۾ اسلامي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪ جي اهتمام هيٺ سيمينار کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته هن دوري ۾ ٻظرفي ڳالهيون ٿيون ۽ هي دورو صرف روايتي دورو نه هجي پر ان بابت اڃا وڌيڪ ڪهجهه نه ٿو چئي سگهجي. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي تازي دوري کانپوءِ ڏسڻو آهي ته هاڻي ڪهڙا قدم کڻڻا آهن. هڪ سوال تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ باضابطه ڳالهيون شروع ٿي سگهندين ته هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿين. جن ۾ ڪشمير، پاڻي ۽ سرڪريڪ جهڙا مسئلا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش ۽ مطالبو اهو هوندو جڏهن به ٻيهر ڳالهيون شروع ٿين ته سمورا مسئلا ايجنڊا ڳالهين ۾ هجڻ گهرجن. جڏهن ته هن کان پڇي ڪئي وئي ته ڀارتي سيڪريٽري جي دوري کانپوءِ لائحه عمل ڪهڙو هوندو ته هن چيو ته هي دورو سارڪ ملڪن جي پس منظر هو جڏهن ان دوران ٻطرفي به ڳالهه ٻُولهه به ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *