اميد آهي هرد فرد آدم شماري جي قومي فرض ۾ شامل ٿيندو: صدر

ڪراچي( اي پي پي)صدر مملڪت ممنون حسين ڪالهه اربع ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي جي ديوار تي گهر شماري نمبر 1 لکي  ڇهين قومي گهر ۽ آدمشماري جو با ضابطا افتتاح ڪيو . گهر شماري جي افتتاح  کان اڳ ڪمشنر آدمشماري ۽ شماريات جي وفاقي سيڪريٽري، صدر ممنون حسين کي آدمشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني .  صدر مملڪت ان حوالي سان ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي ترقي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن. هن چيو ته آدم شماري ملڪ جي ترقي لاءِ نهايت اهميت واري آهي  جنهن سان مستقبل جي رٿابندي ۾ مدد ملندي. صدر ممنون حسين مردم شماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن ۽ لاڳاپيل عملي جي تربيت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته مان پر اميد آهيان ته سڄي ملڪ ۾ جاري هن اهم آدم شماري ۾ مختلف کاتن  سان تعلق رکندڙ عملو پنهنجون ذميداريون احسن طريقي سان نڀائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *