اميد آهي ته ڳالهين جي نتيجي ۾ گڏيل ۽ وسيع البنياد حڪومت ٺاهي ويندي: مسلم ليگ (ن)

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) افغانستان جي صورتحال تي پاليسي بيان جاري ڪندي اميد ڏيکاري آهي ته ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ گڏيل ۽ وسيع البنياد حڪومت جوڙي ويندي اهڙي موقعي تي جڏهن عالمي برادري افغانستان ۾ بيهڪ واري صورتحال تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ پنهنجون قومي پاليسيون جوڙڻ ۾ مصروف آهي پر پي ٽي آئي جي حڪومت جي پهرين ترجيح سياسي انتقام ۽ اپوزيشن کي چٿڻ آهي جڏهن ته پارليامينٽ هن اهم معاملي تي اڃا تائين تالابندي جو شڪار آهي ميڊيا سيل مطابق پارٽي اڳواڻ محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو افغانستان جي صورتحال بابت اهم صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهبازشريف، شاهد خاقان عباسي، خواجه محمد اصف، احسن اقبال، محمد اسحاق ڊار، مريم نواز، پرويز رشيد، سردار اياز صادق، رانا تنوير، سيد مشاهد حسين، خواجه سعد رفيق، خرم دستگير، رانا ثناءُالله، مريم اورنگزيب ۽ عطاءالله تارڙ شريڪ ٿيا پڌرائي مطابق اجلاس ۾ نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ مصالحت لاءِ ڪيل ڪوششن جو حوالو ڏنو ويو وڌيڪ چيو ويو ته نوازشريف جي ٽن حڪومتي دورن دوران پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپا قائم رکيا، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪابل ۾ طالبان ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ ڳالهين واري عمل جي آجيان ڪندي اميد سان آهي ته انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ گڏيل ۽ وسيع البنياد حڪومت جوڙي ويندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) افغان عوام جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿي ته هو ڪنهن به ٻاهرين مداخلت کان مڪمل آزادي سان پنهنجي سياسي مستقبل جو پاڻمرادو تعين ڪري افعان سرزمين نه ته ڪنهن پاڙيسري جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿي نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين کي استعمال ۾ آڻيندي افعانستان جي خودمختياري جو تعين ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خودمختياري جو به انهيءَ جوابي جذبي سان احترام ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *