امن ڳالهين کان ڀارت جو انڪار خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي ايوانن ۾ ڏسڻ جي خواهشمند آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ايم ڪيو ايم جي بنيادي مطلب ڪراچي آپريشن لاءِ نگران ڪميٽي جوڙڻ تي ڪو اعتراض نه آهي. امن ڳالهين کان ڀارت جو انڪار خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته فاروق ستار کي ڳالهيون ختم نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي ايوانن ۾ ڏسڻ جي خواهشمند آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ايم ڪيو ايم جي بنيادي مطلب ڪراچي آپريشن لاءِ نگران ڪميٽي جوڙڻ تي ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي. سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪراچي ۾ فري اينڊ فيئر آپريشن ڏسڻ چاهيون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امن ڳالهين کان ڀارت جو انڪار خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو، مودي سرڪار جارحياڻي سياست ڇڏي اهڙي سياست ڪر ي جيڪا سڀني لاءِ بهتر هجي، ضد سڄي خطي کي خطري وجهي ڇڏيندو، هن چيو ته وزيراعظم کي هن صلاح ڏني هئي ته مولانا فضل رحمان ئي ايم ڪيو ايم کي پرچائي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *