امن لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽينداسين: جنرل باجوه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف سميت هٿياربند قيادت پاران دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ زخمي ٿيندڙ غازين سان ملاقات ڪئي آهي، پريڊ ايوينيو ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ کان پوءِ آرمي چيف غازين سان ملاقات ڪئي جنهن دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اوهان اسان جا هيرو آهيو، اوهان کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، امن جي لاءِ آپريشن رد الفساد ڪاميابيءَ سان جاري آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽينداسين.23 مارچ جي ڪامياب پريڊ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي آرمي چيف سڪيورٽي قدمن کي به ساراهيو، آرمي چيف چيو ته ملڪ جا غازي ۽ شهيد اسان جو اثاثو آهن، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان دنيا ۾ نمايان اهميت رکي ٿو، پريڊ جي موقعي تي سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا، نيول چيف چيو ته هٿياربند فوج شهيدن ۽ زخمين جي پونئرن جو خاص خيال رکي رهي آهي. ايئر چيف چيو ته امن جي لاءِ ڏنل قربانيون زيان نه وينديون ڳڪڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل زبير محمود حيات جوچوڻ هو ته قربانين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي. ايئر چيف چيني مهمانن سان خاص طور مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *