امرتا رائو جو شادي لڪائڻ بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا امرتا رائو انڪشاف ڪيو آهي ته هن فلمي ڪيريئر کي بچائڻ لاءِ پنهنجي شادي کي ٻن سالن تائين دنيا کان لڪايو.ارتي ميڊيا موجب امرتا رائو ۽ مڙس آر جي انمول پنهنجي نئين يوٽيوب شو ”ڪپل آف ٿنگز“ ۾ پنهنجي شادي بابت ڳالهيون ڪيون آهن.رپورٽس موجب شو جي تازي قسط ۾ جوڙي انڪشاف ڪيو ته هنن اصل ۾ 2014 ۾ ڳجهي شادي ڪئي هئي.امرتا ٻڌايو ته 2013 ۾ جڏهن انمول کيس شادي جو چيو ته هوءَ ان لاءِ تيار نه ٿي جو ان سان سندس ڪيريئر کي نقصان پهچي پئي سگهيو، انمول کيس صلاح ڏني ته جيڪڏهن اسان 4 يا 5 سال پنهنجي رشتي کي لڪايون ته ڇو نه ڳجهي نموني شادي ڪريون ۽ ان کي به ظاهر نه ڪريون.اداڪارا چيو ته انمول جي اها صلاح ٻڌي مان فورن شادي لاءِ ها ڪري ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب امرتا وڌيڪ ٻڌايو ته اسان شادي جي ڳجهي تقريب رٿي، جنهن ۾ اسان جي ڪٽنب جا گهڻا ماڻهو شريڪ نه ٿيا، شادي 15 مئي 2014 تي ٿي هئي پر ان جو اعلان 2016 ۾ ڪيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *