امتياز شيخ وٽ ڪرمنل ونگ هجڻ جو انڪشاف، پوليو ٽيم تي حملي جو به ذميوار قرار

شڪارپور (م.ڊ) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي سيڪريٽ رپورٽ ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ کي پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث قرار ڏيندي سندس مبينا ڪرمنل ونگ هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان طرفان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڏانهن اُماڻيل رپورٽ ۾ پوليو ٽيم تي حملي ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ کي اڻ سڌي ريت ملوث قرار ڏنو ويو آهي. سيڪريٽ رپورٽ ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان لکيو آهي ته صوبائي وزير امتياز شيخ شڪارپور ضلعي ۾ سياسي مخالفن کي ڪرمنل ونگ استعمال ڪري ٿو. ذريعن موجب رپورٽ ۾ الزام هنيو ويو آهي ته امتياز شيخ اُنهي ڪرمنل ونگ ذريعي پنهنجي سياسي مخالف شاهنواز بروهي جي پُٽ کي قتل ڪرايو.ذريعن موجب ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي سيڪريٽ رپورٽ ۾ سندس ٻيهر مقرريءَ کانپوءِ پوليو ٽيم تي ٿيل حملي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان کي ڏوهارين کي سياسي سرپرست هجڻ جو بيان ڏيڻ تي هٽايو ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻيهر کيس مقرر ڪيو ويو. هڪ مهينو اڳ نيو فوجداري ٿاڻي جي حد يعقوب لاڙي وٽ پوليو ورڪرز تي هٿياربندن طرفان حملو ڪيو ويو، جنهن دوران پوليو ٽيم تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ موبائيل فونز ۽ روڪ رقم به ڦر ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب سيڪريٽ رپورٽ ۾ اُن حملي جو ذميوار به صوبائي وزير امتياز شيخ کي قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر مقرري کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور کي بدنام ڪرڻ لاءِ اهڙا واقعا ڪرايا ويا. پوليو ٽيم تي حملي ۾ امتياز شيخ جي ڀيٽ مقبول شيخ جي گن مين جو هٿيار استعمال ٿيو.   شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشنز جي ناڪامي جو ذميوار امتياز شيخ کي قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته صوبائي وزير ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ سان گڏ ساڻن رابطن ۾ رهندو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ پُٽ جي ڏوهارين سان رابطن بابت رڪارڊ به هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ايس ايس پي شڪارپور طرفان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڏانهن 20 صفحن تي ٻڌل سيڪريٽ رپورٽ موڪلي وئي آهي. اُنهي رپورٽ ۾ شڪارپور ضلعي جي پوليس صوبائي وزير امتياز شيخ کي ضلعي ۾ بي امني ذميوار قرار ڏيندي سندس خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سيڪريٽ رپورٽ ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان چيو آهي ته صوبائي وزير جي اثر رسوخ استعمال ٿيڻ کانپوءِ جيڪي پوليس عملدار مقرر ڪيا وڃن ٿا، اُهي پوليس جي ڳجهي حڪمت عملي سوڌو ٻي ڄاڻ ليڪ ڪندا آهن. ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جا آپريشن ناڪام ٿي ويندا آهن. ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ڪجهه عرصو اڳ جيڪي آپريشن ڪيا ويا، اُهي پوليس جي پلاننگ ليڪ ٿيڻ سبب ناڪام ٿي ويا. مبينا سيڪريٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي جي ڏوهارين شڪارپور ضلعي جو امن امان خراب ڪيو آهي ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ جا مبينا طور اُنهن ڏوهارين سان رابطا رهيا آهن. رپورٽ ۾ امتياز شيخ ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا رابطن تي ٻڌل ڪال رڪارڊ هٿ ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي وزير امتياز شيخ مختلف نمبرز تي ڪچي جي ڏوهارين سان رابطن ۾ رهيو آهي، ڌاڙيل عطو شيخ ڪيترين ئي ڏوهي ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن سان به مبينا طور صوبائي وزير جا رابطا رهيا آهن. ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان پنهنجي مبينا سيڪريٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته صوبائي وزير امتياز شيخ جي هوٽل، پئٽرول پمپس، گيٽ هائوس ۽ فارم هائوس ۾ ڏوهارين کي پناهه ڏني ويندي آهي. ذريعن موجب شڪارپور پوليس جي سيڪريٽ رپورٽ ۾ امتياز شيخ جي ڀاءُ مقبول شيخ ۽ پُٽ فراز شيخ جا مبينا ڏوهارين سان رابطن جو رڪارڊ به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقبول شيخ ۽ فراز شيخ به شڪارپور ضلعي جي بدنام ڏوهارين سان رابطن ۾ رهيا آهن، اُنهن جو به ڪالز رڪارڊ هٿ آيو آهي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، سندس ڀاءُ مقبول شيخ ۽ پُٽ فراز احمد شيخ خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *