اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي آگاهي مهم جي هدايت، ملڪ ۾ غير جانبدار، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي اڻ ڌري، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي ڏيارڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي وزيراعظم جي صدارت هيٺ افغانستان ۾ موجود پرڏيهي صحافين جي واپسي جي حوالي سان کڄندڙ قدمن تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا، وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي واپسي جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت جي قدمن تي بريفنگ ڏني. پرڏيهي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ کين ويزا سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال سبب صحافين جي سهولت لاءِ اطلاعات وزارت ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي بنا دير عمل ٿي سگهي وزيراعظم پرڏيهي صحافي برادري جي سهولت لاءِ اطلاعات وزارت خاص ڪري ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي اڻ ڌري، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي.  وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ مشين جي حوالي سان آگاهي مهم جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي زوير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، ڊاڪٽر بابر اعواڻ، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت جا سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي نئين قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو انهن ترميمن جو مقصد اليڪشن واري عمل کي شفاف بنائڻ آهي وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جڏهن ته عوام ۽ سمورن شريڪ ٿيندڙن کي ان عمل جي فائدي مان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز تنقيد جو حقيقتن سان جائزو پيش ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *