اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ پاڻ ۾ مليل آهن: عمران خان جو الزام

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ پاڻ ۾ مليل آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن انڪوائري ڪميشن کان مواد لڪايو آهي ۽ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ مليل آهي جڏهن ته اڍائي ڪروڙ ووٽن جو ڪو به حساب نه آهي.  پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته بلوچستان جا 80 کان 90 سيڪڙو فارم 15 غائب آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار نظر نه پئي اچي ۽ اهو چوڻ غلط آهي ته پي ٽي آءِ انڪوائري ڪميشن ۾ ڌانڌلي جا ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *