اليڪشن ڪميشن پنهنجو وجود وڃائڻ کان اڳ عوام کي مطمئن ڪري ۽ فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي: فضل الرحمان

ڪراچي (اين اين آءِ) جميعت علماءِ جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته فوج جي سڀ کان حساس معاملن تي قانونسازي جو هق ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺاهيندڙن کي نٿو ڏئي سگهجي، سموري اپوزيشن ان ڳالهه تي متفق آهي ته موجوده اسيمبلي کي بنا دير ٽوڙي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ان جي بنياد تي حڪومت جي خلاف اپوزيشن پارٽِين جي تحريڪ جاري رهندي، اليڪشن ڪميشن قومي ذميواري جو احساس ڪندي فارن فنڊنگ ڪيس جو تڪڙو فيصلو ڪري، ائين نه ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن تي عوام جو اعتماد ختم ٿي ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس جي اڳيان اپوزيشن پارٽين جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو، احتجاجي مظاهري کي مولانا راشد محمود سومرو، شاهي سيد، علي اڪبر گجر، نظير جان، رمضان ميمڻ، مستقيم نوراني، سردار احمد نواز، مولانا افضل سردار، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا عبدالجليل جان، عتيق رحمان، مولانا عمر صادق، مولانا نور الحق ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي مولانا عبدالڪريم عابد، قاري عثمان، سعيد يوسف، ڊاڪٽر نصير الدين سواتي، يونس بونير ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، مولانا فضل رحمان خطاب ڪندي چيو ته عدالت قانونسازي جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستان جو نهايت حساس ادارو فوج آهي ۽ هن اداري کي جهڙي طرح سان بيتوقير ڪيو آهي ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ان وٽ نه قانون آهي نه اهليت آهي، عدالت قانونسازي ذريعي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پر اسان هن حساس معاملن تي قانونسازي جو حق نهن کي نٿا ڏئي سگهون، هي ووٽ چوري ڪري آيا آهن، موجوده اسيمبلي کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن، هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو پر ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، ميڊيا تي پابندي مڙهي مجبور ڪيو ويو آهي ته جيئن ميڊيا قوم کي حقيقتون نه ٻڌائي، ميڊيا سان ٿيندڙ زيادتي جي مزمت ڪريون ٿا، هن چيو ته عوام پڪو پهه ڪيو آهي ته هنن قبضو ڪندڙن کان حڪومت ورتي ويندي، حڪمران پارٽي احتساب کا ڀڃي رهي آهي، حڪمرانن کي سندن ئي آئيني ۾ شڪل ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڪي پي ڪي ۾ 5 سالن کان ان جي حڪومت اتي اهي حساب ڏيڻ يا احتساب لاءِ تيار نه آهن، عوام ڏسي ڇڏيو آهي ته اهي ڪهڙي قسم جا آهن، هن اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي ته اهو هڪ قومي ادارو آهي، پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي فارن فنڊنگ جو تڪڙو قانون موجب فيصلو ڪري، ائين نه ٿيو ته عوام جو اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ختم ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن پنهنجو وجود وڄائڻ کان اڳ عوام کي مطمئن ڪري، هن چيو ته هي قبضا گروپ آهي، هنن ملڪ کي يرغمال بڻايو آهي، اسان ملڪ ان لاءِ نه ٺاهيو هو ته هي ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺاهين ۽ قبضو ڪن، ملڪ جيڪڏهن عوام لاءِ حاصل ڪيو ويو هو ته پوءِ اقتدار تي قبضي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اڄ اپوزيشن پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن، سموري اپوزيشن ان ڳالهه تي متفق آهي ته هنن خلاف سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ احتجاج ڪيو وڃي، آزادي مارچ هنن کي لوڏي ڇڏيو آهي، مولانا فضل رحمان چيو ته هنن ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو آهي، بس ڪرندڙ ڀت کي ڍڪو ڏيڻو آهي، ملڪي معيشت سمنڊ ۾ تباهه ٿي رهي آهي ۽ هي عياشيون ڪري رهيا آهن، عوام وٽ کاڌي پيتي جون شيون ناهن کي عياشيون ڪري رهيا آهن، هي ڪڏهن ٽماٽر 17 رپيا في ڪلو ۽ ڪڏهن مٽر 5 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، مان جهاز ۾ ڪراچي اچي رهيو هيس ته عملي چيو ته ان جون سموريون مراعتون ختم ڪيون ويون آهن، بنيادي پگهار تي گذارو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، لائيٽس ختم ڪئي وئي آهي، 40 ادارا ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندڙن ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي، شاهي سيد چيو ته اليڪشن ڪميشن کي احساس ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، ماضي جي چونڊن ۾ چوري ٿي پر 25 جولاءِ تي سينا زوري ڪئي وئي، يو ٽرن وٺڻ عمران خان جي پراڻي عادت آهي، عمران خان پنهنجي گهر ۾ يو ٽرن وٺي ٿو، علي اڪبر چيو ته اسان پهريان کان چئون ٿا ته سليڪٽيڊ وزيراعظم نااهل آهي، آرمي چيف جي مدي کي حڪومت تماشو بڻايو، ملڪ هلائڻ موجوده حڪومت جي وس ۾ ناهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *