اليڪشن ڪميشن پاران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال لاءِ تياريون شروع

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون اهن، ان سلسلي ۾ آڇون پڻ گهرايون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب،  ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ آڇون طلب ڪيون ويون آهن ۽  پهرين مرحلي ۾ 4 سئو مشينن جي خريداري لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال پائليٽ پراجيڪٽ طور ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ آڇون اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي گڏيل سفارشن کانپوءِ پيش ڪيون وينديون. ذريعن موجب، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال هلندڙ سال ڪنهن به ننڍي چونڊ دوران ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن، نادرا، آءِ ٽي واري وزارت، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ ٽڪنيڪي تجويزن تي به متفق آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *