اليڪشن ڪميشن پاران مارچ ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ) فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويندو، ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن جي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويندو جڏهن ته اليڪشن لاءِ پولنگ مارچ ۾ ڪرائڻ جو قومي امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته اميدوارن لاءِ نامزدگي پيپرز سيمت هدايت نامو ۽ چونڊن جي طريقيڪار تي ٻڌل ڪتابن جي ڇپائي مڪمل ڪئي وئي آهي، 11 مارچ 2015ع تي 52 سينيٽرز رٽائر ٿي رهيا آهن انهن ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جا 12، 12 جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جا 11، 11، وفاقي گادي واري شهر جا 2 ۽ فاٽا جا 6 سينٽر شامل آهن، رٽائر ٿيل سينيٽرز ۾ بلوچستان کان عبدالرئوف لاله، مير حاصل خان بزنجو، ميرمحمد علي رند، مير ولي محمد، نواب محمد اڪبر مگسي، صابر علي بلوچ، سردار محمد يعقوب ناصر، محمد همايون مندوخيل، مولانا عبدالغفور حيدري، ڪلثوم پروين، ثريا امير الدين، هيمن داس شامل آهن جڏهن ته فاٽا جو عباس آفريدي، رشيد احمد خان، حاجي خان آفريدي، محمد ادريس صافي، وفاقي گادي واري شهر کان نيئر حسين بخاري ۽ سعيد اقبال شامل آهن، خيبرپختونخواه کان رٽائر ٿيل سينيٽرز ۾ عبدالنبي بنگش، گلزار احمد، حاجي غلام علي، محمد ادريس، محمد زاهد خان، سردار علي، وقار احمد، افنان خان، افراسياب خٽڪ، فرح عقيل، فرحت عباس ۽ مرجيت شامل آهن، پنجاب کان رٽائر ٿيلن ۾ جعفر اقبال، چوڌري شجاعت حسين، جهانگير بدر، مشاهدالله خان، پرويز رشيد، راجه ظفرالحق، ظفر علي شاهه، محمد ڪاظم خان، ساجد مير، نجمه حميد ۽ صغريٰ امام شامل آهي، سنڌ کان عبدالحسيب، بابر غوري، عبدالقيوم سرور، گل محمد لاٺ، اسلام الدين شيخ، مولا بخش چانڊيو، سليم مانڊوي والا، رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائيڪ، الماس پروين، شيرال المالڪ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *