اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ جو فيصلو، مختلف کاتن کي خط لکيو ويو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن 5 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي آئين جي آرٽيڪل 52 ۽ 63 تي پورو لهڻ جي حوالي سان نادرا، احتساب بيورو، ايف بي آر سميت 10 مختلف ادارن مان ڇنڊڇاڻ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان جي آئين تحت پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ نظريه پاڪستان مخالف ڪنهن سرگرمي يا ملڪ جي سلامتي جي خلاف ڪنهن ڪارروائي ۾ ملوث ٿيندڙ شخص سينيٽ ميمبر چونڊجڻ جي لاءِ اهل نه آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ڪالهه جمعي ڏينهن نادرا، اسٽيٽ بئڪ آف پاڪستان، پيپڪو، ناڻي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت، پي ٽي سي ايل، نيب، گهرو وزارت، ايف بي آر، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي نالي خط موڪليا ويا جن ۾ انهن وزارتن ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ادارن ۾ فوڪل پرسنز جي فوري نامزدگي ڪن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسرن پاران اميدوارن جي ملندڙ حتمي فهرست انهن سمورن ادارن وٽ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ موڪليندا. اهي ادارا چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار، انهن جي والدين، گهرواريءَ ۽ ٻارن جا تفصيل فراهم ڪندا جڏهن ته نادرا پاران اميدوار جي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق جڏهن ته عام سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ۾ تبديلي، بجلي ۽ گئس جا بلز، ايف بي آر کان ٽيڪسن جي ادائيگي، گهرو وزارت کان ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ ملوث هجڻ بابت معلومات ۽ نيب کان به تصديق ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن انهن ادارن کان اها معلومات واپس وٺي رٽرننگ آفيسرن کي موڪليندا، 19 ۽ 20 فيبروري تي اميدوارن جي موجودگي ۾ ڇنڊڇاڻ جي موقعي تي انهن کان ان حوالي سان پڇيو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 63 اي تحت اهڙو اميدوار جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هجي، پاڪستان جو شهري نه هجي ۽ هن ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪئي هجي، هو سرڪاري ناڻي مان پگهار وٺندڙ ملازم هجي، هو آرٽيڪل 14 بي تحت پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951ع تحت وقتي طور تي نااهل قرار ڏنو ويو هجي جڏهن ته نظريه پاڪستان جي خلاف راءِ رکڻ تي ڪنهن عدالت کان سزا يافته هجي، پاڪستان جي سرڪاري ملازمت مان ڪنهن بنياد تي برطرف ڪيو ويو هجي، سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اهل نه آهي. آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڪو به اهڙو اميدوار جيڪو سٺو ڪردار رکندڙ نه هجي ۽ عام طور تي اسلامي حڪمن کان انحراف ۾ مشهور هجي، هو اسلامي تعليم جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه رکندو هجي ۽ اسلام جي مقرر ڪيل فرضن جو پابند ايستائين جو هو ڪبيره گناهن کان به نه مڙندو هجي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نااهل تصور هوندو. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 62 تحت 35 سال کان وڌيڪ عمر جو شهري سينيٽ چونڊن جي لاءِ اهل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *