اليڪشن ڪميشن وزير اعظم واري هاري پيڪيج جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو)  اليڪشن ڪميشن ، وزير اعظم جي ڪسان پيڪيج جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي کي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ،وزيراعظم نواز شريف پاران تازوئي اعلان ڪيل ڪسان پيڪيج جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي کي گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته سيڪريٽري فوڊ کي وزير اعظم پاران اعلان ڪيل ڪسان پيڪيج بابت سمورن دستاويزن سان گڏ اليڪشن ڪميشن اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر فتح محمد جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين پاران وفاقي ۽ صوبائي ادارن پاران مداخلت جي شڪايت تي ٻڌل درخواست جو جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته شق 21 ۽ 27 مڪاني چونڊن کان اڳ ڪنهن به قسم جي مشهوري جي اجازت نٿي ڏئي ۽ قاعدن جي شق 21 جي مطابق اليڪشن کان اڳ سرڪاري ذريعي سان اشتهار تي پابندي هوندي آهي واضح رهي ته وزير اعظم نوازشريف 15 سيپٽمر تي ننڍن آبادگارن جي لاءِ 100 ارب رپين جي اضافي قرض جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت سولر ٽيوب ويل لڳائڻ لاءِ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *