اليڪشن ڪميشن هوا مان پمفليٽ اڇلائڻ کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ، جهاز ذريعي پمفليٽ اڇلائڻ چونڊ مهم جو حصو آهي: جاويد هاشمي

اسلام آباد/ملتان (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هوا مان پمفليٽ اڇلائڻ کي قانوني ۽ ضابطه اخلاق موجب سڏيو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 149 ۾ ننڍي چونڊ کان اڳ هوا مان پمفليٽ اڇلائڻ غير قانوني ناهي ۽ نه ئي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پولنگ اسٽيشن جي 400 والن وارين حدن اندر ووٽ گهرڻ غير قانوني آهي ۽ چونڊ ضابطن ۾ پمفليٽ ورهائڻ بابت ڪابه وضاحت ڪيل ناهي ۽ رڳو چونڊ کان 48 ڪلاڪ اڳ جلسن جلوسن تي پابندي جو ذڪر آهي ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 149 ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي خميس ڏينهن ٿي رهي آهي ۽ چونڊ مهم 24 ڪلاڪ اڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان کانپوءِ اڄ هوا مان هيليڪاپٽر ذريعي جاويد هاشمي جا پمفليٽ اڇلايا ويا جنهن تي اليڪشن ڪميشن پهريان نوٽيس ورتو پر پوءِ ان کي قانوني ۽ ضابطه اخلاق تحت قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف ملتان مان ننڍي چونڊ ۾ اميدوار جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته جهاز ذريعي پمفليٽ اڇلائڻ چونڊ مهم نه پر اشتهار آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي قانون سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنٽينر وارن کان پڇي وٺن پنهنجي رهائشگاهه تي اخباري ڪانفرنس کي ڪندي جاويد هاشمي جو چوڻ هو ته جنهن هيليڪاپٽر مان پمفليٽ اڇلايا ويا اهو منهنجي دوست ڊاڪٽر اظهر بلوچ بڪ ڪرايو هو ۽ ان تي چاليهه هزار روپيا خرچ آيو هن شاهه محمود قريشي تي چٿڙ ڪندي چيو ته کيس قانون جي ڪهڙي خبر ۽ کيس ياد ڏياريان ٿو ته 2002ع ۾ به اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر طاهر القادري کي اهڙي قسم جي مهم هلائڻ جي اجازت ڏني هئي ياد رهي ته پمفليٽن بابت ملتان جي فلائنگ ڪلب جو موقف آهي ته وٽن هڪ ڊرائيور 30 هزار روپين جي عيوض هيليڪاپٽر بڪ ڪرايو هو پر هاڻ کين ان جي خبر ناهي ۽ ان ڊرائيور جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *