اليڪشن ڪميشن طرفان مسلم ليگ ن کي پارٽيءَ جو نئون صدر چونڊڻ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن کي نواز شريف جي جاءِ تي نئون پارٽي صدر چونڊڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن کي نئون پارٽي صدر چونڊڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پوليٽيڪل آرڊر 2002ع تحت نااهل شخص پارٽي جو عهدو نه ٿو رکي سگهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ن ليگ جي پارٽي آئين تحت پارٽيءَ جي صدارت جو عهدو هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصي تائين خالي نه ٿو رهي سگهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن پارٽيءَ جو صدر چونڊي فوري طور کين آگاهه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *