اليڪشن ڪميشن سياسي دٻاءُ ۾ اچي خاص سيٽن تي چونڊون نه پئي ڪرائي: چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن سياسي دٻاءُ هيٺ خاص سيٽن تي چونڊون نه پئي ڪرائي ۽ خاص سيٽن تي چونڊون روڪڻ واري فيصلي تي حيرت ٿي آهي ۽ مڪاني چونڊن جا مرحلا پورا ٿيڻ تائين عوام ۾ به سخت ڳڻتي ڏٺي پئي وڃي.سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن خاص سيٽن تي چونڊونسياسي دٻاءُ ۾ اچي روڪيون آهن پر اسان هيٺئين سطح تائين اختيار ڏيڻ ۾ اليڪشن جي فيصلي کي رنڊڪ نه بڻجڻ ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته عدالت چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر عدالتي فيصلي بنا ئي چونڊون روڪڻ عوام سان زيادتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *