اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم 21 ڪروڙ 88 لک سالياني آمدني ظاهر ڪري سڀ کان امير پارٽي طور سامهون آئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ ڪُل 307 سياسي جماعتون رجسٽرڊ آهن، جن مان 73 جماعتن مالي سال 2013، 14 جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم پنهنجي سالياني آمدني 21 ڪروڙ 88 لک ۽ خرچ 21 ڪروڙ 21 لک ظاهر ڪيو آهي. حڪمران ڌر ن ليگ صرف هڪ ڪروڙ 67 لک آمدني ظاهر ڪري پاڻ کي غريب ڏيکاري ڇڏيو، ن ليگ پنهنجو ساليانو خرچ 3 ڪروڙ 7 لک رپيا ڏيکاريو آهي. تحريڪ انصاف پنهنجا ڪل اثاثا 9 ڪروڙ 15 لک رپيا ظاهر ڪيا آهن، جڏهن ته سالياني آمدني 10 ڪروڙ 27 لک ۽ خرچ 16 ڪروڙ 17 لک رپيا ظاهر ڪيو آهي. پ پ پنهنجي سالياني آمدني هڪ ڪروڙ 45 لک ۽ خرچ 2 ڪروڙ 54 لک ڏيکاريو آهي، قومي عوامي تحريڪ 8 لک 29 هزار ۽ خرچ به 8 لک 29 هزار ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي 76 لک سالياني آمدني ظاهر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *