اليڪشن ڪميشن سعد رفيق جي اسيمبلي ميمبرشپ رد ڪري ڇڏي، نوٽفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي ايم اين اي طور ميمبرشپ ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين اي هڪ سئو 25 لاهور تي اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد جو فيصلو ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن خواجه سعد رفيق جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته خواجه سعد رفيق جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشني ۾ جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد، تحريڪ انصاف جي حامد خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي تڪ تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. مسلم ليگ نون پاران اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *