اليڪشن ڪميشن سال 2015 جي مڪاني چونڊن لاءِ سنڌ ۾ ٻئي مرحلي جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سال 2015 جي مڪاني چونڊن لاءِ سنڌ ۾ ٻئي مرحلي جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ضلعي مٽياري ، ٽنڊو الهيار ، ٽنڊو محمد خان ، ٺٽو ، سجاول ، بدين ، حيدرآباد ، دادو ، ڄامشورو ، شهيد بينظير آباد ، نوشهروفيروز ، سانگهڙ، ميرپورخاص ، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ 19 نومبر 2015ع تي يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ هر يونين ڪائونسل ، يونين ڪميٽي ۽ وارڊ جي لاءِ جنرل ميمبرن جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي .تفصيل موجب 9 سيپٽمبر تي رٽرننگ آفيسرن طرفان پبلڪ نوٽيس جاري ڪيا ويندا ، 13 کان 17 سيپٽمبر تائين اميدوار رٽرننگ آفيسرن وٽ پنهنجا نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائيندا ، 26 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين رٽرننگ آفيسرز نامزدگي وارا ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪندا ، 6 آڪٽوبر تائين اميدوار رٽرننگ آفيسر پاران سندن نامزدگي وارن ڪاغذن جي قبول ڪرڻ يا رد ٿيڻ خلاف اپيل ڪري سگهندا ، 12 آڪٽوبر تائين اپيلن تي ٽربيونل فيصلا ڏيندا، 13 آڪٽوبر تائين اميدوار پنهنجي ڪاغذاتي نامزدگي واپس وٺي سگهندا ، 14 آڪٽوبر تي اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست شايع ڪئي ويندي جڏهن ته 19 نومبر تي پولنگ جو انعقاد ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *