اليڪشن ڪميشن جي ڪراچي ۾ ڪرايل نين تڪبندين تي اسٽي آرڊر جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن پاران ڪراچي ۾ ڪرايل نين تڪبندين تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي 19 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ، مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ سنڌ حڪومت طرفان وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن يو سي جي ووٽرن ۾ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته يو سي ۾ ووٽرن جو انگ 15 هزار تائين هوندو آهي اليڪشن ڪميشن ان کي وڌائي 26 هزار ڪري ڇڏيو آهي. عدالت، اليڪشن ڪميشن پاران 23 ۽ 29 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ ڪرايل نين تڪبندين تي عارضي طور اسٽي آرڊر جاري ڪندي 19 آڪٽوبر تائين اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت تڪبندين بابت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم، نون ليگ سميت 13 کان وڌيڪ درخواستون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *