اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ٻيهر رستن تي اچي وينداسين:عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کان ڌانڌلي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ آئيني حق آهي جنهن کان اسان کي ڪوئي نٿو روڪي سگهي (ن) ليگ مڪاني چونڊن ۾ به اليڪشن ڪميشن جي عملي ۽ پنجاب جي بيورو ڪريسي سان گڏجي ڌانڌلي جو منصوبو رٿي رهيآهي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه بني گالا تي صوبائي آرگنائيزر چوڌري محمد سرور سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو چوڌري محمد سرور عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي پارٽي معاملا ۽ تنظيم سازي سميت ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي ويئي اڳواڻن حڪومتي پاليسين تي عدم اعتماد جو اظها رڪري چڏيو ان موقعي تي نيشنل آرگنائيزر شاهه محمود قريشي ۽ سينٽرل آرگنائيزر جهانگير خان ترين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا عمران خان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کان ڌانڌلي ڪندرن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ آئيني حق آهي جنهن کان اسان کي ڪوئي نٿو روڪي سگهي (ن) ليگ جي امپائر کي پاڻ سان ملائي چونڊ ميدان ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي سياست کي عوامي طاقت سان هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ ان کي عوام جي ووٽن جي تقدس تي يقين ڪرڻو پوندو هن چيو ته (ن) ليگ ڪماني چونڊن ۾ به اليڪشن ڪميشن جي عملي ۽ پنجاب جي بيورو ڪريسي سان گڏجي ڌانڌلي جو پلان جوڙي رهي آهي جنهن لاءِ تحريڪ انصاف سڄي پنجاب ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي اهڙي ٽريننگ ڏيئي رهي آهي جنهن سان حڪمرانن جي ڌانڌلي جي هن منصوبي کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو هن چيو ته تحريڪ انصاف جي مطالبن جي منظوري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڊيڊ لائين ڏيئي ڇڏي آهي جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ٿيا ته اسان وٽ ڌرڻي کان سواءِ ڪوئي آپشن نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *