اليڪشن ڪميشن جو انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو

اسلام آ باد (بيورو) اليڪشن ڪميشن جو انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو، اثاثن جي تفصيل تي غلط بياني تي ۳ سال قيد جي سزا، رٽرننگ آ فيسر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت هوندا، اليڪشن ڪميشن انتخابي قانونن ۾ ترميمن جو مسودو انتخابي سڌاري ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن انتخابي قانونن ۾ وڏي پئماني تي ترميمن جو فيصلو ڪندي تجويزن جو مسودو انتخابي سڌاري واري ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. مسودي جي متن ۾ چيو ويو ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان صدر پاڻ نه ڪري سگهندو، چونڊن جي تاريخ جو  اعلان اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان ڪيو ويندو، رٽرننگ آ فيسر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت هوندا، پولنگ مان 90 ڏينهن پهريان ووٽ جي منتقلي تي پابندي هوندي. قومي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ انتخابي خرچ جي حد 60 لک رپيا هوندي. صوبائي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ انتخابي خرچ جي حد 40 لک رپيا هوندي. اثاثن جي تفصيل تي غلط بياني تي ۳ سال قيد جي سزا ٻڌائي ويندي، اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت 60 ڏينهن لاءِ معطل ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن کي اثاثن جي تفصيل جي جاچ پڙتال جو اختيار هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *