اليڪشن ڪميشن جا ميمبر استعيفيٰ ڏين، خورشيد پاران اسيمبلين جو مدو چار سال ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو)  مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه به اليڪشن ڪميشن جي چارئي ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسيمبلين جو مدو پنج سالن مان چار سال ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جي تجويز به ڏئي ڇڏي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ٽربيونلز جا فيصلا 3 مهينن ۾ به ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ايئن لڳي ٿو ته اٺ لک روپيا پگهار سبب اُهي استعيفيٰ نه ڏئي رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته اسيمبلين جي مدي ۾ 5 سالن بجاءِ چار سال ڪرڻ لاءِ آئين ۾ترميم ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته فيصل آباد ۾ وزيراعظم کي ان جي پنهنجي ٽيم نقصان پهچايو ايئن لڳي ٿو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻ ئي عمران خان کي ليڊر بڻائڻ چاهي ٿو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به طرح سان حڪومت جي حمايتي ناهي، اسان رياست جي حمايت ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن هن موقعي تي مسلم ليگ ن بجاءِ عمران خان جي حڪومت به هجي ها ۽ اهي ئي حالتون هجن ها ته پيپلزپارٽي ان جي حمايت ڪري ها جڏهن سياسي ڪارڪنن جو ڪارڪنن سان رستن تي مقابلو ٿيندو آهي ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع شروع ٿي ويندي آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هر دور ۾ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي حڪومت کي هلڻ ناهن ڏيندا، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومتي دور ۾ ميمو اسڪينڊل منظرعام تي آيو هو ته نواز شريف پاڻ ئي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويو هو عمران خان ۽ حڪومت کي احساس هجڻ گهرجي ته ان ويڙهه سان رياست کي نقصان ٿيندو، فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن پيش ايندڙ واقعو افسوسناڪ آهي فيصل آباد ۾ نواز شريف کي ان جي پنهنجي ٽيم نقصان پهچايو ان صورتحال ۾ حڪومت کي صبر ڪرڻ گهرجي ها، ايئن لڳي ٿو ته مسلم ليگ ن عمران خان کي ليڊر بڻائڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *