اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ننڍي چونڊ دوران فوج يا رينجرز مقرر ڪرڻ بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪمشنر سنڌ اين اي 246 ڪراچي تي ننڍي چونڊ دوران رينجرز يا فوج مقرر ڪرڻ بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪمشنر خط ۾ لکيو آهي ته  23 اپريل تي پولنگ واري ڏينهن حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري سيڪيورٽي جا انتظام رينجرز يا فوج حوالي ڪيا وڃن. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي درخواست  بعد اليڪشن ڪمشنر سنڌ اين اي 246 ڪراچي جي تڪ تي ننڍي چونڊ دوران سيڪيورٽي جا انتظام رينجرز حوالي ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪمشنر سنڌ خط ۾ لکيو اهي ته اين اي 246 تي 23 اپريل تي رٿيل چونڊ دوران صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري سڪيورٽي جا انتظام رينجرز يا فوج حوالي ڪيا وڃن . واضح رهي ته اين اي 246 تي ننڍي چونڊ کان اڳ پي ٽي آءَ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ سبب ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي سڪيورٽي رينجرز يا فوج حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *