اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر اتفاق نه: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد ۾ ملسم ليگ ن جي ڪارڪنن جي اعزاز ۾ ٿيل تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي، وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد اليڪشن ٽربيونل لاهور جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ چئيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ٽربيونل جو فيصلو تڪراري آهي. فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي ذميوار بڻايو ويو پر ن ليگ کي سزا ۽ پي ٽي آئي کي ڪلين چٽ ڏني وئي.پرويز رشِيد جو چوڻ هو ته  عمران خان کي گهٽ ووٽن سان مات تي سڪون ناهي مليو.اياز صادق ۽ خواجا سعد رفيق جي تڪن  ۾ چونڊون ٿيون ته هري پور وارا تاريخ ورجائيندا. سندس چوڻ هو ته ملتان ۾ پي ٽي آئي جي جلسي دوران ماڻهو مرندا رهيا پر قيادت ڪنٽينر کان هيٺ نه لٿي، عمران خان ڪنٽينر تي منرل واٽر پئندو رهيو ۽ ماڻهن کي ايمبلولينس به نه ملي. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان جي پارٽي ۾ ڊڪٽيٽرشپ آهي، ان ڪري کيس ڪٿي به ڪاميابي نه ٿي ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *