اليڪشن ٽربيونل اين اي 125 تي ڌانڌلي ثابت ٿيڻ تي خواجه سعد رفيق جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (بيورو) اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد، فيصلي سان هڪ ئي ڌڪ ۾ مسلم ليگ نون جون ٻه اهم وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون، لاهور جي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 125 تي ڌانڌلي ثابت ٿيڻ تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ پي پي 155 تي به ن ليگ جي ميان نصير جي  ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ جاويد رشيد محبوبي، اين اي هڪ سئو 125 تي مبينا ڌانڌلين خلاف حامد خان جي درخواست تي 30 اپريل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي خواجه سعد رفيق جي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏني. اليڪشن ٽربيونل فيصلي ۾ چيو ته اين اي هڪ سئو 25 تي ڌانڌلي ثابت ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور تي ٻيهر چونڊ ڪرائي. ٽربيونل لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ته اين اي هڪ سئو 25 جي 7 پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي ثابت ٿي آهي، جڏهن ته ووٽن جي ٿيلهن ۾ جعلي ووٽ پڻ مليا آهن. اين اي هڪ سئو 25 تي خواجه سعد رفيق هڪ لک 23 هزار 416 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته حامد خان کي 84 هزار 4 سئو 95 ووٽ مليا هئا. حامد خان اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو  ته چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، ٽربيونل جي فيصلي بعد تحريڪ انصاف جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي. اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد،پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي هڪ سئو  55 تي به مسلم ليگ ن جي ميان نصير جي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. پي پي هڪ سئو 55 تي ن ليگ جي ميان نصير جي ڪاميابي خلاف تحريڪ انصاف جي حافظ فرحت عباس ڪامياب ٿيو هو. ميان نصير احمد 62 هزار 8 سئو 38 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حافظ فرحت عباس کي 42 هزار 9 سئو 42 ووٽ مليا هئا. ٻئي طرف ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي نا انصافي قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سميت ٻيا آپشن کليل آهن، حتمي فيصلو پارٽي سان مشاورت بعد ڪيو ويندو. اليڪشن ٽربيونل پاران اين اي 125 تي ڌانڌلي بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڇانوڻي بورڊ جي چونڊن ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شينهن تي ٺپا هڻي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته 2013 وارين عام چونڊن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي هئي. هن چيو ته اڄ اليڪشن ٽربيونل جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي اهو پرازئيڊنگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن جي نا اهلي بابت آهي، جنهن جي نه رڳو کيس پر سندس سوا لک ووٽرز کي سزا ملي رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته حامد خان ڌانڌلي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ اليڪشن ٽربيونل کيس نا اهل قرار نه ڏنو آهي. هن چيو ته هِن ئي شهر ۾ هن اسٽريٽ پاليٽڪس ڪئي آهي ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻ کيس پسند آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته جج صاحب جو فيصلو انصاف جي ابتڙ آهي ۽ کيس آر اوز جي بدنظمين جي سزا ڏني وئي آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ يا وري ميدان ۾ ٻيهر مقابلو ڪرڻ وارا ٻئي آپشن سندس آڏو کليل آهن پر تنهن هوندي به هو حتمي فيصلو پارٽي قيادت سان مشاورت بعد ڪندو. هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو رڳو ست تڪن بابت آهي، جڏهن  ته هن جي ليڊ ايتري آهي، جو ان مان ست تڪ مائينس به ڪيا وڃن تڏهن به سندس ليڊ تي ڪو اثر نه ٿو پوي. خواجه سعد رفيق وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي ويهي وڏا وڏا ڪوڙ ڳالهايا، جيڪڏهن حامد خان ننڍو ڪوڙ ڳالهايو ته اُن جو هو مائينڊ نه ڪندو. هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل پنهنجي ئي ٻڌايل فيصلي ۾ ڦاٿل آهي، هڪ طرف ته اليڪشن ٽربيونل چوي ٿو ته ڌانڌلي نه ٿي آهي پر ٻئي پاسي کيس ۽ سندس سوا لک ووٽرز کي سزا ڏني پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *