اليڪشن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو آهي. اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد اليڪشن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جو بل 2017 پيش ڪيو. اليڪشن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمي بل 2017 ۾ تجويز ڏني وئي ته بل تحت ختم نبوت جي حوالي سان سيون بي ۽ سيون سي شقون شامل ڪيون وينديون. زاهد حامد جو چوڻ هو ته سيون سي ۽ سيون بي جو اصل مسودو اڃ به قائم آهي، مان نبي جو عاشق آهيان، ٻه حج ۽ ڪيترائي عمرا ڪري چڪو آهيان، ختم نبوت جي حوالي سان شقن ۾ تبديلي جو سوچي به نٿو سگهان. هن چيو ته 2002ع جي چونڊن کان اڳ حڪومت اليڪشن آرڊر لاڳو ڪيو. زاهد حامد جي بيان تي احسن اقبال چيو ته ڪنهن به شخص جو ايمان الله ۽ ان وچ ۾ معاملو هوندو اهي، ڇا اسان گهٽي گهٽي وڃي ٻڌايون ته مسلمان آهيون، جنهن تي شيخ رشيد چيو ته احسن اقبال کي ڪا به خبر ناهي. زاهد حامد اهو بيان پنهنجي صوابديد تي ڏنا آهي، کيس ڪنهن به نه چيو ته اهو بيان ڏيو، اسپيڪر صاحب مان توهان جي رولنگ چاهيان ٿو، هڪ وزير ڪجهه چئي رهيو آهي ته ٻيو ڪجهه، جيڪڏهن ڪو احمدي يا مرزائي آهي ته ان کي ٻڌائڻو پوندو ته اهو ڪير آهي. پوءِ ايوان چونڊ ترميمي بل 2017 گڏيل طور منظور ڪري ورتو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *