العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت جي درخواست تي جناح اسپتال جي نئين ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ طبي بنيادن تي داخل ضمانت جي درخواست ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي وئي.  نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث کي دليل مڪمل ڪرڻا هئا پر عدالت نواز شريف جي جناح اسپتال جي نئين ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪئي آهي.  عدالت قومي احتساب بيورو نيب کان به اڄ دليل ۽ ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪيو هو. عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ۾ نواز شريف جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نواز شريف جي فليگ شپ ريفرنس ۾ بريت خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. نيب العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ۾ اضافي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بهتر ٿيندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي ئي اڳتي وڌون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *