الطاف حسين ڪيس: حڪومت ثبوت برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزارت، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ثبوت پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا  آهن، رينجرز پاران نائين زيرو تان پڪڙيل هٿيارن جا تفصيل ۽ الطاف حسين خلاف ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ڪاپي به هاءِ ڪمشنر کي ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت، عمران فاورق قتل ڪيس ۾ به برطانوي حڪومت کي جاچ ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. پنجاب هائوس اسلام آباد تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ بارٽن ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفاقي گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات جي موقعي تي وفاقي گهرو وزارت پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ثبوت برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا ويا. ذريعن موجب، الطاف حسين پاران هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رينجرز کي مبينا طور ڏنل ڌمڪين واري انٽرويو جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي ته رينجرز پاران ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي تي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرايل ڪيس جي ڪاپي به برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ڏني وئي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته رينجرز پاران ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تان پڪڙيل هٿيارن جا تفصيل ۽ ٻيا ثبوت به برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا ويا.  ذريعن موجب، ملاقات دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ به سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، وفاقي گهرو وزارت برطانوي هاءِ ڪمشنر کي خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ برطانوي حڪومت سان سهڪار ڪيو ويندو. ذريعن اهو به ٻڌايو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گهربل 2 جوابدار برطانوي حوالگي بابت به ڳالهيون ويون، جڏهن ته ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ۾ هڪ ٻي ملاقات پڻ ٿيندي. گهرو وزارت پاران باضابطه طور ملاقات جي پريس رليز جاري ناهي ڪئي وئي پر ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته الطاف حسين خلاف ثبوت برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته رينجرز پاران ڪرنل طاهر جي فرياد تي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪالهه ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *