الطاف حسين ڪراچي ۾ آپريشن لاءِ فوج کي پاڻ دعوت ڏني،سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آئي اي جو ڪردار نه هجڻ گهرجي: خورشيد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته الطاف حسين ڪراچي ۾ آپريشن لاءِ فوج کي پاڻ دعوت ڏني هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آئي اي جو ڪردار نه هجڻ گهرجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته دعا آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سياست ۾ اچي وڃي. هن چيو ته ڪرپشنملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ هجي اها ڪينسر آهي، ملڪ ۾ 55 سالن جي آمريت سبب ڪرپشن پکيڙي آهي. خورشيد احمد شاهه چيو ته پارٽي ۾ اقتداري دور ۾ شامل ٿيندڙ هاڻ نوان آکيرا ڳولي رهيا آهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *