الطاف حسين کي ڌمڪيون، مولانا عبدالعزيز خلاف ڪيس داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) الطاف حسين کي ڏنل مبينا ڌمڪي خلاف ڪراچي جي عزيزآباد ٿاڻي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ داخل ڪرايو ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪيس ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ، سائبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا آهن، ڪيس داخل ڪرائڻ جي موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، بابر غوري ۽ حيدر عباس رضوي سميت ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي اڳواڻ عزيز آباد ٿاڻي ۾ موجود هئا ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي اعلامئي مطابق لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز طرفان هڪ وڊيو پيغام ۾الطاف حسين کي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *