الطاف حسين ڀارت ته وڃي سگهي ٿو پر ڪراچي نٿو اچي سگهي: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي قسم جو فيصلو هاڻي لنڊن ۾ نه پر سهر جي گهٽين ۾ ئي ٿيندو جنهن جو فيصلو 23 اپريل تي عوام ڏيندو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين ڀارت ته وڃي سگهي ٿو پر ڪراچي نٿو اچي سگهي. ڪراچي ۾ شاهراهه پاڪستان تي جماعت اسلامي جي عورتن جي جلسي  کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته اڄ جي جلسي خوف ۽ دهشتگردي جي بت کي ڪيرائي ڇڏيو آهي، ڪراچي مان غنڊه گردي ۽ فساد جي سياست ختم ٿيڻ واري آهي هاڻي شهر ۾ شرافت ۽ خدمت جي سياست ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته الطاف حسين 9 ڀيرا استعيٰ ڏئي واپس ورتي پر هاڻي هو ٻيهر 23 اپريل تي استعيفيٰ ڏئي واپس وٺندو ڇو ته اُن ڏينهن ڪراچي جو عوام فيصلو ڪندو ته شهر جي قسمت جو فيصلو لنڊن ۾ نه پر هتي گهٽين ۾ ٿيندو اسين ووٽ جي طاقت سان 23 اپريل تي جبر جو قلعو ڪيرائي ڇڏينداسين. سراج الحق جو چوڻ هو ته هي اليڪشن عوام آڏو ۽ پاڪستان لاءِ خوشخبري جو پيغام هوندو ۽ هن ڀيري ايم ڪيو ايم کي ماضي وانگر ٺپا هڻڻ جو موقعو نه ملندو جڏهن ته اسين نٿا سمجهون ته الطاف حسين ڪڏهن ڪراچي جو رخ ڪندو ڇو ته هو ڀارت ته وڃي سگهي ٿو پر هتي نٿو اچي سگهي. هن چيو ته ڪراچي جون عورتون تبديلي چاهين ٿيون ته جماعت اسلامي کي ووٽ ڏين، اسين عورتن کي تعليم يافته، خودمختيار ڏسڻ چاهيون ٿا جڏهن ته جيڪڏهن اسان حڪومت آئي ته عورتن جي ملازمت جي وقت ۾ گهٽتائي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *