الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ مارشل لا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر ايندڙ ڏينهن تي ماڻهن جي مرڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معصوم شهرين جي قتل عام ۾ اضافوٿي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اردو يونيورسٽي جي سامهون 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو پر ڪير به پڇڻ وارو نه آهي الطاف حسين چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جار ي آهي، وزيراعظم شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سنڌ ۾ مارشل لا جو اعلان ڪري ۽ مارشل لاءِ صدر پاڪستان کي درخواست ڪري، مارشل نٿا هڻڻ چاهين ته شهرين کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا وڃن، هن چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ غيرمقبول فيصلا ڪرڻا پوندا. شهر ۾ ماڻهن مرڻ تي ڪير به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. مون محلا ڪميٽيون بڻائڻ لاءِ چيو هو پر معلوم ٿيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن کي ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿا ۽ تنگ ڪندا آهن. اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *