الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي دعوت ڏئي ڇڏي

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي چيو آهي ته اچو ماضي جو جهيڙو وساري محبت ۽ رواداري جي نئين دور ي شروعات ڪريون ٿا، لنڊن مان صحافين سان ڳالهائيندي الطاف حسين جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم سچي نيت سان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ان جي گهرواري ريحام خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن کي جناح گرائونڊ تي ڀليڪار چيو ۽ ڀاڄائي لاءِ تحفا خريد ڪيا جيڪي هن وصول نه ڪيا، عمران خان ۽  ريحام خان لاءِ خريد ڪيل تحفا امانت آهن، رابطه ڪميٽي عمران خان سان رابطو ڪري معلوم ڪري وٺي ته اهي تحفا ان کي لاهو وڃي ڏيون يا ان جي ڪراچي اچڻ تي ان کي پيش ڪيا وڃن. الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جلسي جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چونداسين ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ شاهراهه پاڪستان تي جلسو ڪرڻ چاهي ٿي هت اسان اتي به انهن سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، الطاف حسين جماعت اسلامي کي به 12 اپريل تي فيڊرل بي ايريا ۾ جلسو منعقد ڪرڻ جي فيصلي کي ڀليڪار چيو، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چوان ٿو ته تنقيد ۽ اعتراض ٻڌڻ جو حوصلو رکندي جماعت اسلامي جي جلسي ۾ شرڪت ڪريو. الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ڀاڄائي ريحام خان لاءِ منهنجي طرفان ڏنل تحفا انهن تائين جلد کان جلد پهچائي ڇڏين متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين رابطه ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻن، ٽن ماڻهن جي وفد جي شڪل ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ريحام خان لاءِ منهنجي طرفان ورتل تحفا انهن تئاين جلد کان جلد پهچائي ڇڏين هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ۽ ريحام خان جا تحفا امانت آهن ان ڪري ايم ڪيو ايم جي رابطه ڪميٽي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪري اهي تحفا ٿورا مڃڻ جي طور تي پهچائي ڇڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *