الطاف حسين سميت ڪنهن کي به پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي عزتِ نفس تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چوڌري نثار

راولپنڊي(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته الطاف حسين جي فوج تي تنقيد، پاڙيسري ملڪ کان فنڊنگ وٺڻ ۽ ملڪ دشمنيءَ تي ڀڙڪائڻ تي پاڪستان حڪومت هڪ قانوني مسودو تيار ڪري رهي آهي، قانوني مسودي جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيه جي قانونن جو جائزو ۽ مشاورت وارو عمل جاري آهي جنهن کانپوءِ پاڪستاني حڪومت اهو مسودو برطانوي حڪومت کي اُماڻي ڇڏيندي، جنهن ۾ قانونن جي ڀڃڪڙيءَ تي الطاف حسين خلاف ڪارروائيءَ جي سفارش ڪئي ويندي. الطاف حسين سميت ڪنهن کي به پاڪ فوج ۽ ٻين اِدارن جي عزتِ نفس مجروح ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. چائينا ڪٽنگ جي حوالي سان ڪليئر ڪيل فائلون سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن، ذميدارن خلاف ڪيس نيب اُماڻيا ويندا، ڪاميابي فوجي آپريشن کانپوءِ مستقل بنيادن تي امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز جو ڪردار لازمي جُز آهي. هو اڱاري ڏينهن راولپنڊي پوليس لائين ۾ راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال ۽ جهلم جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي درٻار کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڪمشنر راولپنڊي ڪئپٽن (ر) زاهد سعيد، آر پي او وصال فخر سلطان راجا، ڊي سي او ساجد ظفر ڊال سميت ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پوليس لائين پهتو ته سينيئر ۽ ڊويزنل عملدارن سندس گرمجوشيءَ سان آجيان ڪئي، جنهن بعد پوليس جي هڪ چست جٿي کيس سلامي ڏني. گهرو وزير پوليس لائين ۾ قائم شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گُلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان الطاف حسين جي تقرير بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حڪومت کي الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم کان ڪا عداوت ناهي. الطاف حسين جو مسئلو نه ته سياسي آهي ۽ نه ئي امن امان جو مسئلو آهي، ان جو مسئلو عدالتي آهي ۽ اها عدالت پاڪستاني اندر نه بلڪ برطانيه جي اندر آهي، برطانيه جو پنهنجو عدالتي نظام آهي، ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، عمران فاروق جو قتل برطانيه ۾ ٿيو ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۽ دشمن ملڪ ڀارت کان فنڊنگ وارو معاملو به برطانيه ۾ اُٿاريو ويو آهي. انهن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ ڀارت کان فنڊنگ جي شاهدين جي حوالي سان برطانيه سان سهڪار جي ڳالهه ڪئي آهي، ان حوالي سان اڳوڻي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان برطانيه سان ڪنهن به قسم جو تعاون ناهي ڪيو. موجوده حڪومت جڏهن کان چونڊجي آئي آهي تڏهن کان وٺي هيستائين انهن معاملن تي ڀرپور تعاون ٿيو آهي ۽ اسان کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ، ميٽرو پوليٽن پوليس دستاويز عام ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي سهڪار جو ذڪر آهي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ شخص اها دعويٰ ڪئي هئي ته انهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي اهڙيون شاهديون ڏنيون آهن جو هو حيران ۽ پريشان ٿي ويا آهن، منهنجو کانئن اهو سوال آهي ته پي ٽي آءِ جو سربراهه به بنڊل کڻي برطانيه ويو هو پر ڪجهه به نه ٿيو ڇا ان شخص وٽ پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه کان به وڌيڪ شاهديون آهن. برطانيه ۾ جاچ هيٺ ڪيسن جي حوالي سان بين الاقوامي طور لازمي قرار ڏنل اصولن مطابق پاڪستان اڳتي به تعاون جاري رکندو. هن چيو ته الطاف حسين پهرين به تڪراري تقريرون ڪيون، پاڪ فوج ۽ ادارن تي تنقيد ڪئي پر سندس ڪجهه تازين تقريرن کي سامهون رکندي پاڪستان حڪومت برطانيه کي هڪ قانوني مسودو اُماڻيندي جنهن لاءِ پاڪستان ۽ برطانيه جي قانونن جو جائزو ۽ مشاورت وارو عمل جاري آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ مسودو تيار ڪري برطانيه اُماڻيو ويندو، جنهن ۾ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي ۽ مسودو برطانيه اُماڻڻ کان پهرين ان جي اهم ڳالهين بابت ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. پاڪستان چاهي ٿو ته عمران فاروق جو قتل جنهن به ڪيو آهي هن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته اسيمبليءَ جي اجلاس کانپوءِ آئون هلي شاهه محمود قريشيءَ وٽ ويس ۽ ان سان گڏ عارف علوي ۽ هڪ ٻيو اسيمبلي ميمبر بيٺل هو کين مون اهوئي چيو ته الطاف حسين جي خلاف ڪيس برطانيه ۾ هلي رهيو آهي ان کي عدالتي ڪيس ئي رهڻ ڏنو وڃي، سياسي نه بڻايو وڃي. سياسي عنصر سان ان ڪيس کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، اُميد آهي ته هو اسان جي ڳالهه کي سمجهي ويا هوندا ۽ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان جي پاسداري ڪندا. هن سنڌ حڪومت جي ايف آءِ اي مداخلت تي ناراضگي بابت سوال تي چيو ته گهرو وزارت جو سنڌ حڪومت سان سٺو ورڪنگ رليشن آهي، ڪجهه معاملن تي اختلاف ٿيندا آهن پر اختلاف ختم به ٿي ويندا آهن، ايف آءِ اي وارو معاملو به هينڊل ٿي ويو آهي. چائينا ڪٽنگ وارا معاملا اربين رپين جا آهن، چائينا ڪٽنگ جون فائلون جيڪي ڪليئر ٿي ويون آهن اهي سنڌ حڪومت کي واپس ڪيون ويون آهن ۽ باقي فائلون ايف آءِ اي وٽ آهن، پوليس ڪارڪردگيءَ بابت گهرو وزير چيو ته جهڙيءَ ريت لانگ مارچ ۾ پوليس آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي آهي ان جو مثال نٿو ملي، حالانڪ اڳوڻي دؤر ۾ لانگ مارچ ۾ ڪيترن ئي آفيسرن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ هٿن يا هٿيارن سان گڏ فنڊن سان وڙهي ويندي آهي. گهرو وزارت جي ذيلي ادارن کي اربين رپين جي ضرورت آهي پر ڪروڙن جي بجيٽ ملي رهي آهي. جوائنٽ انٽيلجينس ڊائريڪٽوريٽ، ملٽري آپريشن جي ذريعي ڪليئر ٿيندڙ علائقن ۾ ايف سي ۽ ٻين سول آرمڊ فورسز کي آڻڻ لاءِ به ڪافي فنڊ گهربل آهن، اسان کي جيڪي فنڊ ملي رهيا آهن انهن کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ پوليس درٻار کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته 2 سالن کان گهرو وزير آهيان ۽ بطور گهرو وزير پهريون ڀيرو راولپنڊي آيو آهيان، پوليس ڀلي ڪي پي ڪي جي هجي، بلوچستان يا سنڌ جي هجي ان ۾ ڪوبه فرق ناهي، پوليس جيڪو ڪم ڪري رهي آهي اهو تمام وڏو ڪم آهي ۽ اهو الميو آهي ته اها قوم سٺن ڪمن کي جلد وِساري ڇڏيندي آهي ۽ ٿوري غلطيءَ کي سالن تائين ياد رکندي آهي، ان روايت کي هاڻي وِسارڻو پوندو ۽ سٺو ڪم ڪندڙن جي همت افزائي ضروري آهي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڃا مڪمل ناهي ٿي اها فيصلائتي موڙ تي آهي ۽ ان ۾ پوليس جو تمام اهم ڪردار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *