الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري مطالبي تي ڳڻتي آهي، سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه تي خاموش نٿا ويهي سگهون: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي عورت ميمبر مهتاب اڪبر راشدي ۽ پي پي جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو ايم ڪيو ايم جي سربراه الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري مطالبي تي سخت خدشن ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهين تي اسان خاموش نٿا ويهي سگهون . مسلم ليگ فنڪشنل جي عورت ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته مبارڪون ته ڏنيون ٿيون وڃن پر ڪجهه ماڻهن ڪاميابي جي خوشي ۾ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن اهي ماڻهو ڪٿي آهن جيڪي نعرا لڳائيندا هئا ته ( مروسيون مرويسون سنڌ نه ڏيسون) اها سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ، سنڌ واسي حيران آهن ، ڇا هو سمجهن ته خاموش رهڻ وارا سنڌ جي ورهاست ۾ شامل آهن . ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته الطاف حسين مجموعي ڳالهه ڪئي هئي ته صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ رهندي انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن ۽ جيڪو به ٿئي اهو آئين جي موجب ٿئي ڪا به زور زبردستي ناهي اسان جي قائد / پارٽي جي اها خواهش ناهي ته سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿئي . سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو ته هي معاملو گهڻو حساس آهي ڪو به خاموش نٿو ويهي سگهي . سنڌ اسميبلي اها قرارداد منظور ڪئي هئي ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هي اها ئي اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان جي لاءِ به قرارداد منظور ڪئي هئي . هن چيو ته مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري تي قائم آهيون اها صرف لفاظي ناهي سنڌ اسيمبلي فيصلو ڪري چڪي آهي انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي ڇا ڊويزنون ۽ ضلعا انتظامي يونٽ ناهن آئين ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽ بابت ڪجهه به ناهي ايم ڪيو ايم کي گذارش ٿا ڪيون ته اڳتي اهڙي ڳالهه نه ڪن ڪراچي صوبي جي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *